رائلو مياڻ

رائلو مياڻ (ڳوٺ): هي ڳوٺ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ ۾ هڪ درياهي پتڻ هو. هن پتڻ تان ڦليليءَ جي اصلي منهن/ ڦاٽ وٽ حيدرآباد لاءِ مال لهندو ۽ چڙهندو هو. رائلي جي مياڻ کان پتڻ جي ٻيڙي ڌڪجي ڦليلي ڦاٽ جي اصلي منهن وٽ پهچندي هئي ۽ اتان مال کڻي رائلي واريءَ مياڻ جي تڙ تي لاهيندي هئي. ان زماني ۾ ڄامشورو پتڻ به چڱو وهندو هو. ڇو ته هن ڀر جا جيڪي ننڍا ڳوٺ هئا، تن جو مال هن پتڻ تان ٽپندو هو ۽ حيدرآباد مان ڀاڳيا کاڌي پيتي جو سامان، مال جو چارو، ڪَٽي ۽ ڏارو کڻي ايندا هئا. ان دؤر ۾ اڃا ڄام شوري ۾ ڪالوني ۽ يونيورسٽي ڪونه ٺهيون هيون. ان دؤر ۾ ڄامشوري طرف رڳو مالدار ماڻهو مال جي سِهي سان ويٺل هئا، ان ڪري حيدرآباد لاءِ کير، پِس ۽ سٺو گيهه به هن پتڻ تان حيدرآباد ويندو هو. هن پتڻ تان ڪٽو يعني ڪوس وارو مال (جيڪو حيدرآباد ۾ ڪُسندو هو)، ٻاڪرو ۽ ريڍو مال، ٽاڪرو ٻڪريون، ڳائو مال (وهڙا، وهڙيون، ڍڳا، ڍڳيون)، مينهون ٽپايون وينديون هيون. حيدرآباد جي ويجھي هئڻ ڪري هي پتڻ سٺو وهندو هو. ان وقت بسن جي سهوليت ايتري ڪانه هئي، ان ڪري ماڻهو پتڻ ٽپي حيدرآباد ويندا هئا ۽ پري کان مال پنڌ ڪاهي ايندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو